اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آهي ته اسان پنهنجي نوجوان آفيسرن مان وڏي اميد رکون ٿا، نوڪرشاهي جو عوام سان فاصلو ??کڻ جو نوآبادياتي رويو ختم ڪرڻو آهي ۽ پنهنجا دروازا انهن جي لاءِ کليل رکڻا هوندا جيڪي اسان مان خدمت جي اميد رکن ٿا. هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته جديد ٽيڪنالاجي اهو ڪم آسان بڻائي ڇڏيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسلامي ت??ريخ ۽ خلفاءِ راشدين جي اصولن جي پوئيواري ڪئي وڃي.