اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم فلڊ ريليف اڪائ??نٽ 2022ع ۾ عطيو جمع ??رائڻ جا تفصيل جاري ڪري ڇڏ??ا آهن. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سمورين ڪمرشل بئنڪن ذريعي عطيو جمع ??رائڻ جو سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو آهي. اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني عطيو ان اڪائ??نٽ ۾ جمع ??رائي سگهندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب موجب برساتن جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، سڄي ملڪ خاص طور تي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ غيرمعمولي تب??هي ٿي. هن چيو ته اچو اسان سڀ مصيبت ۾ گهيريل پنهنج?? هم وطنن جي مدد ڪريون. اسان سڀ انهن جو سهارو بڻجون. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ سمورا پاڪستاني دل کولي عطيه جمع ??رائڻ جي اپيل ڪئي آهي، اهي عطيا اڪائ??نٽ (پرائيم منسٽر ريليف فنڊ اڪائ??نٽ 2022ع اڪائ??نٽ نمبر: G-12164) ۾ جمع ??رائي سگهن ٿا. عطيي ذريعي سمورا پاڪستاني ٻوڏ متاثرين جي مدد جي ڪم ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ جي سرڪيولر تحت سموريون ڪمرشل بئنڪُون ۽ انهن جون شاخون وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ 2022ع ۾ عطيو جمع ??ري سگهن ٿيون. ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وايا ٽرانسفر، مني سروس بيوروز، مني ٽرانسفر آپريٽرز ۽ ايڪسچينج هائوسز جي ذريعي به عطيو موڪلي سگهن ٿا. عطيو سمورين ڪمرشل بئنڪن ۾ روڪ به جمع ??رائي سگهن ٿا. بئنڪ جي ڊراپ باڪس ۾ ڪراس چيڪ، موبائيل ۽ انٽرنيٽ بئنڪنگ، اي ٽي ايمز، اي بي ايف ٽي، راست جي ذريعي به جمع ??رائي سگهجن ٿا.