اسلام آبا?? – 22 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سڄي پاڪستان ۾ جاري چوماسي جي برساتن ?? ٻوڏ سبب ??يندڙ جاني ۽ مالي نقصانن جي ڏس ۾ جرمني، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ ناروي جو سرڪاري دورو ملتوي ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير يو??پ سان پاڪستان جي مسلسل رابطن جي حصي طور انهن ملڪن جي پنهنجي هم منصبن ۽ ٻين سرڪاري عهديدارن ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه جا منتظر آهن. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير بابت ملڪن جي گادي وارن شهرن جي دورن کي ميزبان حڪومتن سان مشاورت کانپوءِ گڏيل اتفاق سان طئي ٿيل تاريخن تي ٻيهر جوڙيو ويندو.