اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ س??ب سڄي ملڪ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، متاثرين جي مدد ۽ بحالي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃ?? ۽ عالمي برادري جي تعاون سان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ متاثرين جي آبادڪاري ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزير??عظ?? شهباز شريف چيو ته هن اسلام آباد ۾ رهندڙ سفارتڪارن، هاءِ ڪمشنرز ۽ سينيئر سفارتي عملي سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ انهن کي سڄي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ تباهي بابت آگاهه ڪيو آهي. وزير??عظ?? چيو ته اقتصادي معاملن واري ڊويزن، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي شريڪ ٿيندڙن کي ٻوڏ س??ب ٿيندڙ نقصانن ۽ حڪومت پاران هيستائين کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو آهي. وزير??عظ?? چيو ته ٻوڏ س??ب وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي ن??صان ٿيو آهي، جيتوڻيڪ اڃا تائين نقصانن جو صحيح ڪاٿو لڳايو پيو وڃ??. وزير??عظ?? عالمي برادري پاران همدردي جي اظهار ۽ تعا??ن جي خاطري تي انهن جا ٿورا مڃيا. وزير??عظ?? چيو ته اسان گڏجي نئين سر تعمير ۽ آبادڪاري کي يقيني بڻائينداسين.