پشاور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) خي??رپ??ت??نخ??اهه جي وڏي وزير جي روينيو واري خصوصي معاون تاج محمد خان ترند ۽ خي??رپ??ت??نخ??اهه جي وڏي وزير جي ايڪسائيز ٽيڪسيشن واري صلاحڪار خليل الرح??ان چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت زبردستي ڪشمير جو اسٽيٽس تبديل ڪري غيرمنصفاڻي ۽ بزدلاڻي فعل جو ثبوت ڏنو، اهو عمل ڀارت جي خطي ۾ امن جي خرابي لاءِ ناپاڪ ڏو??ن جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار خي??رپ??ت??نخ??اهه جي وڏي وزير جي روينيو واري خصوصي معاون تاج محمد خان ترند ۽ خي??رپ??ت??نخ??اهه جي وڏي وزير جي ايڪسائيز ٽيڪسيشن واري صلاحڪار خليل الرح??ان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هنن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڀارت کي ڪڌن ارادم ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، 5 آگسٽ جي ڪاري ڏينهن کي پاڪستاني عوام ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪشمير استحصال ڏهاڙي طور ملهائي رهي آهي. هن چيو ته چيئرمين عمران خان ڪشمير جي آزادي جي لاءِ هر عالمي فورم تي آواز اٿاريو، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ پاڪستان جو حصو هو، آهي ۽ رهندو.