اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??ي هدايت تي حياتي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ مهم جي رجسٽريشن جي شروعات ڪئي وئي. جڏهن ته وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي مهم جو حصو بڻجڻ جي خواهشمند رضاڪار?? تي زور ڏنو آهي ته اهي 1166 تي ڪال ڪري پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سلمان صوفي چيو ته اهڙا ??اڻ??و جيڪي اڳ ۾ ئي سي پي آر ۾ پيشيواراڻي تربيت يافته آهن اهي رضاڪارن جي تربيت لاءِ رجسٽريشن ڪرائين، مهم جو حصو بڻجن، تربيت حاصل ڪن، 10 وڌيڪ ??اڻ??ن کي بنيادي سي پي آر جي ٽريننگ ڏين ۽ انعام حاصل ڪن. هن ٻڌايو ته ٽريننگ جي رجسٽريشن لاءِ ڪنهن به عمر جا ??اڻ??و اهل هوندا. هن نوجوانن، عورتن، ٻارن ۽ وڏي عمر جي ??اڻ???? تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائين. هن چيو ته ايمرجنسي جي صورتحال ۾ وقت سر سي پي آر سان ڪنهن انسان جي حياتي بچائي سگهجي ٿي.