اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي اهي ته اهي ملڪ ۾ سستي بجلي پيد?? ڪري گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي ريليف پهچائ?? جي لاءِ موثر نظام جوڙين، ريلوي واري وزارت افغانستان مان درآمد ٿيل ڪوئلو جلد کان جلد پاور پلانٽس تائين پهچائ?? جي لاءِ ضروري قدم کڻي جڏهن ته وزيراعظم درآمدي عمل کي تيز ڪر?? جي لاءِ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪر?? جي هدايت پڻ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ افغانستان مان درآمد ٿيل ڪوئلي جي چرپر جو نظام بهتر بڻائ?? جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث بخش پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عالمي ??نڊي ۾ ڪوئلي جي وڌندڙ قيمت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان کي ملڪ ۾ ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس مان مهانگي بجلي پيد?? ڪرڻ جو بنيادي سبب قرار ڏنو. وزيراعظم ملڪ جو قيمتي پ??ڏي??ي ناڻو بچائ?? جي لاءِ افغانستان مان اعليٰ ڪوالٽي جو ڪوئلو ڊالرز بدران رپين ۾ درآمد ڪر?? جي منظوري ڏني، ان سان نه رڳو سستي بجلي پيد?? ڪرڻ پر ملڪ جو قيمتي پ??ڏي??ي ناڻو بچائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته شروعاتي طور تي رڳو ساهيوال ۽ حب پاور پلانٽس جي لاءِ گهربل ڪوئلي جي افغانستان مان درآمد تي امپورٽ بل ۾ ساليانو 2.2 ارب ڊالر کان وڌيڪ بچت ٿيندي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي ان مقصد جي لاءِ موثر نظام جوڙين ته جيئن ملڪ ۾ سستي بجلي پيد?? ڪري گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي ريليف پهچائي سگهجي. وزيراعظم ريلوي واري وزارت کي به هدايت ڪئي ته اها افغانستان مان درآمد ٿيل ڪوئلي جي پاور پلانٽس تائين جلد کان جلد پهچ کي يقيني بڻائ?? جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي. وزيراعظم درآمدي عمل تيز ڪر?? جي لاءِ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي سربراهي ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن جي ڪميٽي ٺاه?? جي پڻ هدايت ڪئي.