اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائيس تي ڪراچي ۾ دهشتگردي سبب فوت ٿيندڙ چيني شهرين کي پاڪستان حڪومت پاران لاڏاڻي کانپوءِ ??مغه پاڪستان ??يڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ٽن چيني شهرين کي تمغه پاڪستان ??يڻ جي ايڊوائيس صدر کي موڪلي هئي. چيني شهري 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻيا هئا. چيني استاد ڪراچي يونيورسٽي جي داخلي دروازي تي خودڪش ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويا هئا. ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ڪراچي جي ڊائريڪٽر هوآنگ گيوپنگ، تِنگ موفانگ ۽ ڇن سائي کي اعزاز ڏنو ويو آهي. چيني رهواسين کي چين پاڪستان دوستي جي لاءِ ??ظيم خدمتن جي اعتراف ۾ اعزاز ڏنا ويا.