اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 75 جي شق (1) (بي) تحت اليڪشن ترميمي بل 2022ع وزيراعظم کي پارليامينٽ ۽ ان جي ڪميٽي (ايس) پاران نظرثاني ۽ تفصيلي غور ويچار لاءِ واپس ڪري ڇڏيو آه??. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اسلامي جمهوري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 46 جي خلاف ورزي ڪئي وئي آه?? ڇو ته بل کي پارليامينٽ ۾ آڻڻ کان اڳ صدر کي ان قانونسازي جي تجويز کا?? آگاهه نه ڪيو ويو، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 46 ۾ چيو ويو آه?? ته وزيراعظم سموري قانونسازي جي تجويزن کان صدر کي باخبر رکندو جيڪي وفاقي حڪومت مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) جي سامهون آڻڻ جو ارادو رکندي هجي. صدر چيو ته انهن ترميمن ک?? قومي اسيمبلي 26 مئي ۽ سينيٽ 27 مئي تي تڪڙ ۽ مناسب ڏاهپ کانسواءِ منظور ڪيو آه??. هن چيو ته معاشري تي ڏور رس اثر مرتب ڪندڙ قانونسازي تي قانوني برادري ۽ سول سوسائيٽي جي مشاورت سان تفصيل سان ڳالهه ڪرڻ گهربي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي محنت جي ڪمائي جو حصو وجهندا آه??، ان حقيقت جي باوجود 1990ع کانپوءِ مختلف وزيراعظمن ۽ صدر?? پاران ٻاهرين ملڪ دورن جي دوران انهن سان ڪيل واعدن جي باوجود کين ووٽ جي حق کان محروم رکيو ويو آه??، صدر چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 2018ع ۾ اوورسيز پاڪستانين جي راءِ حق بابت پنهنجي 2014 جي پهرين فيصلي کي برقرار رکيو ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ٽيڪنالاجي کي بهتر بڻائڻ سان گڏ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان کان ٻاهران ووٽ وجهڻ جي اجازت ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عدالت ان وقت آءِ ووٽنگ جي توثيق ڪئي هئي جڏهن آءِ ووٽنگ جي طريقيڪار کي ٽئين ڌر جي ذريعي محفوظ، معتبر ۽ قابل ڀروسو قرار ڏنو ويو هو جنهن کي ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ نادرا محفوظ ۽ قابل عمل هجڻ جو تعين ڪرڻ لاءِ ان کي موڪليو هو جنهن تي عدالت آءِ ووٽنگ کي هڪ پائليٽ پروجيڪٽ ۾ استعمال لاءِ منظور ڪيو. صدر چيو ته اليڪشن ڪميش?? پاران 2018ع جي ضمني چونڊن جي پروگرامن جي حوالي سان جاري ڪيل تاريخ2018/08/17 جي نوٽيفڪيشن موجب 37 تڪن (قومي ۽ صوبائي) جي ضمني چونڊن 2018/10/14 تي ٿيڻيون هيون، جيتوڻيڪ بعد ۾ ضمني چونڊون (جيڪڏهن ڪي آه??) جهڙوڪ ايڪٽ سيڪشن 94 موجب پائليٽ پروجيڪٽس لاءِ چونڊون ڪرايون وينديون ته جيئن اوورسيز پاڪستانين کي پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪرڻ جي قابلب ڻائي سگهجي جيڪو بنا شڪ جي کين ايندڙ عام چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جو حقدار بڻائي ٿو. صدر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو ذڪر ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ 2014ع ۾ پنهنجي فيصلي باوجود سسٽم جي استعمال نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ڇو ته اوورسيز پاڪساتنين جي ووٽ جو حق اسلامي جمهوريه پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 17 ۾ لکيل آه??. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صدر کي قانونسازي جي جي تجويزن کا?? آگاهه نه ڪري آ.ئين جي آرٽيڪل 46 جي خلاف ورزي ڪئي وئي، جلد بازي ۾ 26 مئي ت?? قومي اسيمبلي ۽ 27 مئي تي سينيٽ مان منظور ٿيو، هن چيو ته معاشري تي ڏور رس اثر مرتب ڪندڙ قانونسازي تي قانوني برادري ۽ سول سوسائيٽي جي مشاورت سان تفصيل سان ڳالهه ڪرڻ گهربي هئي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 17 ۾ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو ويو آه??، سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ جي ذريعي روزاني 8.5 ڊالر جي محفوظ ڏي وٺ ڪئي ويندي آه??، پاڪستان جي ووٽنگ مشين ۾ پيپر ٽريل جو پورو سسٽم آه??، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بليٽ پيپر جي پڇائي ۽ ڳڻپ ۾ مدد ڏيندي آه??. صدر چيو ته اڪستان ۾ هر اليڪشن جا نتيجا چئلينج ڪيا ويندا آه?? ۽ هر حڪومت تي الزام لڳندا آه??، نيون ترميمون هڪ قدم اڳتي وڃڻ ۽ گهٻرائي پوئتي ٿيڻ جي برابر آه??، ترميمون اليڪشن ۾ شفافيت ۽ بهتري آڻڻ جي ٽيڪنيڪي عمل ۾ غير ضروري دير آڻڻ جي برابر آه??، هن سفارش ڪئي ته پارليامينٽ کي انهن قانونن تي پوئتي نه هٽڻ گهرجي، حقيقت ۾ ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقرر وقت تي ئي انهن ۾ بهتري آڻڻ گهرجي.