اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي ??ڳواڻ مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ م??ڪ ۾ جمهوريت جي ??ستحڪام ۽ سماجي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي ات??اق ڪيو ويو. ملاقات ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته سموريون سياسي پارٽيون گڏجي ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون.