اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان جمعيت علماءُ اسلام جي اڳواڻن مو??ان?? فضل الرحمان ۽ اڪرم خان دراني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي ۽ بهتري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين جي گڏيل تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي پاسي جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي وفد به وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير مو??ان?? اسعد محمود، مذهبي معاملن وارو وزير مو??ان?? عبدالشڪور، هائوسنگ اينڊ ورڪس وارو وزير مو??ان?? عبدالواسع ۽ سيفران وارو وزير سينيٽر محمد طلحه محمود شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.