اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته عالمي برادري ڀارت پاران ??صا??ي حد?? جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي، هندستان کي ان حرڪت لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو، نئين دهلي جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪنداسين. پاڪستا?? جي فضائي حد?? جي خلاف ورزي جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اهو ٻيو ڀيرو اسا?? جي فضائي حد?? جي خلاف ورزي ٿي آه??، ان کان پهرين ماضي ۾ به 26 فيبروري تي ڀارت جارحيت ڪئي هئي ۽ پاڪستان ان کي مناسب ۽ وقت سر جواب ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ان حرڪت کي ڀارت جي ٽيڪنيڪي ناڪامي چئون، جارحيت چئون يا بدنيتي چئون. پاڪستان 2019ع ۾ به مدبراڻو رد عمل ڏنو، هن چيو ته هندستا?? جي حرڪت افسوسناڪ آه??، عالمي برادري کي ان حرڪت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن ان حرڪت سان معصوم جانين کي خطري ۾ وڌو آه?? ايوي ايشن اٿارٽيز کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. سعودي ايئر لائين جو جهاز، قطر ۽ پاڪستان جون ڊوميسٽڪ اڏامون نشانو بڻجي سگهيون ٿي ۽ معصوم ماڻهو نشانو بڻجي سگهيا ٿي، اسان فيصلو ڪيو آه?? ته پي 5 ملڪ?? جي نمائندن کي پرڏيهي وزارت ۾ دعوت ڏئي، کين سڄي صورتحال کان آگاهه ڪريون، هن چيو ته اسان کي اميد آه?? ته عالمي برادري ان جو نوٽيس وٺندي، هندستان کي ان حرڪت لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو، هندستا?? جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جارحيت جا قائل نه آه??ون، پر دفاع اسان ڪالهه به ڪيو هو ۽ آئنده به ڪنداسين. اڀينند?? جي چانهه اڃان ٿڌي ناهي ٿي لڳي ٿو ته کيس ٻيهر ضرورت ٿي رهي آه??، پرڏيهي وزير چيو ته هندستان جو رويو انتهائي غير ذميداراڻو آه??، هندستان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ضرورت آه??، ڀارت 26 فيبروري 2019ع تي جارحيت ڪئي، حقيقتون سڀني جي سامهون اچي ويون، پر دنيا مصلحتن خاموش رهي، هن چيو ته اسان هندستان طرفان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي جا ٺوس ثبوت هڪ ڊوزيئر جي ذريعي عالمي برادري جي سامهون رکيا، اسان ڀارت جو اصلي چهرو دنيا جي سامهون بي نقاب ڪيو، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جارحيت جا حامي نه آه??ون، اسان هندستان سميت پنهنجي پاڙيسرين سان بهترين لاڳاپن جا خواهشمند آه??ون، پر هندستان جو رويو ته ڏسو؟ والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ تشدد جو سلسلو عروج تي آه??، سامونڊي ۽ دفاعي حدن جون خلاف ورزيون سڀني جي سامهون آه??، جڏهن ته ٻي طرف پاڪستان جو رويو سدائين مصالحاڻو ۽ مدبراڻو رهيو پر دفاع اسان جو حق آه?? ۽ دفاع لاءِ پوري قوم تيار آه??.