اسل??م آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مخالف ڌر ناڪ??م آهي، اها پهرين به ناڪام ٿي ??اڻ?? به ناڪام ٿيندي، ان جي ايجنڊا رڳو پنهنجي ڦرلٽ ۽ چوري کي بچائڻ آهي، مخالف ڌر وٽ نمبر پورا نه آهن، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري فالودي واري، پاپڙ واري ۽ مقصود چپڙاسي جهڙن ڪردارن کي بچائڻ چاهين ٿا. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام ??ان انهن جو ڪو به تعلق نه آهي. عوام ??ي لاءِ انهن جي ڪا به جدوجهد نه آهي، 40 سالن کان اهي ملڪ کي ڦريندا رهيا آهن، ??اڻ?? به هو اهڙي ط??ح جي بليڪ ميلنگ ڪري رهيا آهن، اسان نه اڳ ۾ مخالف ڌر کان بليڪ ميل ٿيا آهيون ۽ نه ??اڻ?? انهن کان بليڪ ميل ٿينداسين لکي وٺو. انهن کي ناڪام ٿيڻو آهي، وزيراعظم عمران خان جي سڄي صورتحال تي گهري نظر آهي ۽ فيصلا به ڪندو، جنهن جو نظريو ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جو پئسو بچائڻ هجي ان مخالف ڌر مان حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي، پي ٽي آءِ جي ميمبرن جا خدشا ختم ڪنداسين. اهي اڳ ۾ به عمران خان سان گڏ هئا ۽ ??اڻ?? به گڏ آهن. موقف سان اختلاف ٿي سگهي ٿو اسان سڀني جو موقف ٻڌنداسين ۽ خدشن کي ختم ڪنداسين. وقت ايندو ته مخالف ڌر جي حمايت ڪندڙ اميدوارن جو انگ سامهون اچي ويندو.