اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي ان کي پنهنجي ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آه??. و??يراعظم عمران خان سان ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خان آفريدي ملاقات ڪئ??. و??يراعظم کي ڪشمير ڪميٽي پاران مختلف عالمي فورمن خاص طور تي اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي)، يورپي يونين، آمريڪي ڪانگريس ۽ ٻين عالمي پارلياماني ادارن ۽ ڌرين سان ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئ??. و??يراعظم کي ڪوه??ٽ ڊويزن ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي ان کي ان مقصد جي لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئ??. و??يراعظم ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ڪوه??ٽ ڊويزن ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن جي وقت سر پڄاڻي کي يقيني بڻائي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ۽ سهولت فراهم ڪري سگهجي.