اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ا??غا??ستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي اولين ترجيح ڏي ٿو، ا??غا??ستان ۾ پاڪستان جي مدد سان تعمير ٿيندڙ اسپتالن ۽ ا??غا??ستان سان وسيع تر روڊ ۽ ريل رابطي ۾ تعاون ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا??غا??ستان بابت ايپڪس ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني يونيورسٽين ۾ تعليم پرائيندڙ ا??غا?? شاگرد ا??غا??ستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائيندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن جي لاءِ وظيفا جاري رکيا وڃ?? ۽ سمورا ضروري وسيلا دستياب ڪيا وڃ??. پاڪستان ۽ ا??غا??ستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي امڪانن جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان ا??غا??ستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي اولين ترجيح ڏي ٿو ۽ حڪومت پاران مڪمل سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان ا??غا??ستان ۾ پاڪستان جي مدد سان تعمير ڪئي ويندڙ اسپتالن ۽ ا??غا??ستان سان وسيع تر روڊ ۽ ريل رابطا قائم ڪرڻ ۾ تعاون ڪندو. ان کان اڳ ايپڪس ڪميٽي کي قومي سلامتي وار?? صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ا??غا??ستان جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته اهي ا??غا?? عوام جي امداد جي لاءِ اعلان ڪيل منصوبن ۽ واعدن تي تيزي سان عمل ڪن. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، چوڌري فواد حسين، شفقت محمود، اعظم خان سواتي، شيخ رشيد احمد، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي وار?? صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، وزيراعظم جي واپار وار?? صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي.