اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم، خودمختيار، خوشحال ۽ وحدت رکندڙ افغانستان جي حمايت جاري رکندو جيڪو علائقائي ا??ن، ترقي ۽ خوشحالي ۾ حصيدار هجي، معاشي ترقي جي مختلف مرحلن ۾ هجڻ جي باوجود ??يس – سي – او جا سمورا ميمبر ملڪ هاڻي به غربت، غذائي تحفظ ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙن خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان گهڻي رخي مسئلن مان اجتماعي ا??داز سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هو ??يس سي ا?? جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو، هن ??يس سي ا?? خطي جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وزيراعظم عمران خان پاران نيڪ تمنائن جو پيغام پيش ڪندي چيو ته مجلس متحد علائقائي تنظيم جي طور تي ا??س سي ا?? عالمي برادري ۾ هڪ نمايان مقام رکي ٿي، گڏيل تعاون ۽ تڪرارن جي حل تي زور ڏئي ا??س سي ا?? هڪ اهڙي دنيا ۾ انسانيت کي ا??يد جو پيغام ڏئي رهي آهي جتي مقبوليت پسندي ۽ اجتماعيت سان ڪٽجي هلڻ جي روش، تيزي سان فروغ وٺي رهي آهي، ??يس سي ا?? معيشت، سلامتي، جي حوالي سان رابطا جوڙڻ ۽ پائيدار ترقي سميت مختلف شعبن ۾ رياستن جي وچ ۾ تعاون جو هڪ پرڪشش موقعو فراهم ڪندو آهي، اهو گڏيل خوشحالي ۽ گڏيل ترقي ۽ واڌ ويجهه جو هڪ قابل تقليد مثال ??هي، هن چو ته هلندڙ سال ??ربراهي اجلاس ??يس سي ا?? جي قيام جي 20 هين سالگرهه تي منعقد ٿي رهيو آهي، اهو مرحلو اسان کي جائزي ۽ اجتماعي طور تي خطي ۾ امن ۽ ترقي جي مستقبل جي راهه تيار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو آهي، دوشنبي ۾ ??يس سي ا?? ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ مساوات، سياسي، معاشي ۽ سماجي ۽ ثقافتي راهه چونڊڻ جي حق جي احترام تهذيبن ۾ ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ خطي ۾ هم آهنگي جي اصولن تي ثابت قدمي سان عمل پيرا رهڻ جو وچن ورجايو ويو هو. ??يس سي ا?? جي اڳواڻن سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ تعاون جي ڳانڍاپي سان ترقي جي شرح ۽ خوشحالي کي ممڪن بڻائڻ جي وچن کي ورجايو هو. اڳواڻن ماسڪو، بشڪيڪ ۽ چنگدا ۾ ٿيندڙ اڳوڻين ملاقاتن جي نتيجي ۾ دوشنبي جي اعلان کي حتمي شڪل ڏني هئي. هن چيو ته علائقائي سلامتي اسان جي خطي ۾ خوشحالي ۽ معاشي ترقي جي اسان جي اجتماعي ويزن جي خواب کي تعبير ڪرڻ لاءِ لازم آهي. ان ڏس ۾ اسان جي جاگرافيائي مجبورين ۽ افغانستان جي عوام سان اسان جي دائمي رشتن جي ڪري ا??غانستان ۾ استحڪام اسان سڀني جي لاءِ وڏي ا??ميت رکي ٿو گذريل ڪجهه مهينن ۾ افغانستان ۾ بنيادي تبديلي آئي آهي، افغان عوام کي اڄ شديد معاشي ۽ انساني نويت جا مسئلا درپيش آهن عالمي برادري کي ا??عان عوام جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ لاءِ تعميري ا??داز ۾ رابطا رکڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان افعان ڀائرن جي هن مشڪل وقت ۾ مدد جاري رکيو اچي. پاڪستان صحت، تعليم ۾ مدد افعانستان مان ايندڙ شين جي لاءِ واپاري لنگهه ۾ سهولتن جي اضافي ۽ افغان مصنوعات تي ٽيرف جي خاتمي جهڙن قدمن وسيلي ا??عانستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي، افغانستان جي حوالي سان اسان پنهنجي عالمي ۽ علائقائي شراڪتدارن سان رابطا به جاري رکيو اچون، تازو ئي اسان اسلام آباد ۾ ٽرائيڪا پلس جي ميزباني ڪئي ۽ تهران ۾ افغانستان جي پاڙيسرين جي وزارتي سطح جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اسان پنهنجي حصيدارن ۽ اشتراڪ جي عمل سان افغانستان سان معاملا جاري رکنداسين ته جيئن اجتماعي قدرن کي هٿي ملي. سڀني ا??غانين جي حقن جو احترام هجي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته دهشتگردي جي لاءِ ڪنهن به ملڪ جي خلاف افغان سرزمين ڪڏهن به استعمال نه ٿئي. هن چيو ته پاڪستان هڪ پرامن مستحڪم، خودمختيار، خوشحال وحدت واري ا??عانستان جي حمايت جاري رکندو جيڪو علائقائي ا??ن، ترقي ۽ خوشحالي ۾ مستحڪم هجي. هن چيو ته اڄ اسان جي ا??جنڊا ۾ معيشت، واپار ۽ ترقي جي اسان جي اجتماعي خواهش کي اڳيان وڌائڻ جي عملي قدمن تي غور ڪرڻ شامل آهي. آئو ??يس سي ا?? جي ڇٽي هيٺ جامع انداز ۾ علائقائي تعاون ۾ اضافي لاءِ اسان طرفان ڀرپور ڪوششون ڪرڻ جي عزم کي ورجايان ٿو، هن چيو ته اڄ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل ??يس سي ا?? جي بجيٽ ۽ 2022ع ۾ شروع ٿيندڙ دور جي لاءِ ٻن مستقل ادارن جي نئين اسٽاف اسٽرڪچر جي منظوري ڏيندي. پاڪستان سيڪريٽريٽ ۽ ايگزيڪيٽو ڪميٽي ۾ نائبن جو موجوده انگ 5 مان وڌائي 6 ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪري ٿو، اسان 2022ع لاءِ تقريبن 10 سيڪڙو اضافي سان تجويز ڪيل بجيٽ جي به حمايت ڪريون ٿا، اسان کي يقيني آهي ته ??يس سي ا?? ميمبرن ملڪن ۾ گهڻ قومي واپار ۽ معاشي تعاون جي واڌ ويجهه ۽ اهم شعبن ۾ تعاون لاءِ موزون ماحول موجود آهي. هن چيو ته گهڻ رخن مسئلن کي اجتماعي ا??داز سان منهن ڏئي سگهجي ٿو، غربت جي خاتمي لاءِ قدمن بابت پاڪستان جو وڏو تجربو آهي، اسان پراعتماد آهيون ته پاڪستان جي تجويز ڪيل غربت جي خاتمي تي خصوصي ورڪنگ گروپ هن شعبي ۾ تجربن جي مٽاسٽا لاءِ هڪ مفيد پليٽ فارم ثابت ٿيندو جيڪو ??يس سي ا?? جي سڀني ميمبر ملڪن لاءِ نهايت اهميت جوڳو آهي. زرعي معيشت رکندڙ ملڪ طور پاڪستان غذائي پيداوار ۽ ان جي فراهمي تي ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان چڱي ريت آگاهه آهي، وڌندڙ آبادين لاءِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ اڄ عالمي چئلينج بڻجي ويو آهي. ان مسئلي جي جواب ۾ ??يس سي ا?? اڳواڻن دوشنبي جي سربراهي اجلاس ۾ غذائي تحفظ تي گڏيل بيان منظور ڪيو هو، اسان سمارٽ زراعت جي شعبي ۽ زرعي جدت پسندي کي متعارف ڪرائڻ لاءِ قدمن جي به آجيان ڪريون ٿا ۽ ??يس سي ا?? تحت خطي جي ا??در غذائي تحفظ ۽ سماجي ۽ معآشي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ زرعي ۽ صنعتي مصنوعات کي بنا رنڊڪ وهڪري کي يقيني بنائڻ جي قدمن جي حمايت ڪريون ٿا، هن چيو ته معيشت جي ترقي لاءِ نجي شعبو انجڻ جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته ??يس سي ا?? بزنس ڪائونسل ۽ ??يس سي ا?? انٽربئنڪ ايسوسيئيشن واپاري ۽ معاشي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي ا??م قدمن ۾ شامل آهن، هن چيو ته اسان انهن جي وچ ۾ رابطن ۾ اضافو ڏسڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته گڏيل مقصد کي اڳيان وڌائڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان علائقائي خوشحالي لاءِ ٽرانسپورٽ رابطن جي ڪانفرنس جو اعلان ڪيو آهي جيڪا 2022ع جي ٻي 6 ماهي ۾ منعقد ٿيندي، هن چيو ته اهڙي طرح هڪ ٻي نهايت اهم رخ جنهن تي پاڪستان ڌيان ڇڪرايو آهي ا??و نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ آهي ا?? ڏس ۾ 2022ع ۾ ڊجيٽل معيشت وسيلي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي ڪانفرنس منعقد ٿيندي جنهن جو وزيراعظم عمران خان دوشنبي ۾ علان ڪيو هو، جڏهن ته پاڪستان ٻين قدمن کي به اڳيان وڌائيندو جنهن ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ انٽر پرينيوئرز رابطن جي ا??س سي ا?? جي ڪم کي فروغ حاصل ٿيندو، 2022ع م ??يس سي ا?? خطي ۾ عورت پارليامينٽرين کي به گڏ ڪيو ويندو. آئون ??يس سي ا?? جي هدفن ۽ مقصدن تي اڳڀرائي جاري رکڻ جي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڳالهه ختم ڪندس ۽ اسان جو اهو عزم گهڻ قوميت تي اسان جي پختي يقين جي ڏڍ تي قائم آهي جيڪو مسئلن جي حل ۽ موقعن کي يقيني بڻائڻ جو سڀ کان موثر ذريعو آهي.