ڪوئيٽا – 16 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلامي فلاحي رياست پهرين ڏينهن کان ئي پي ٽي آءِ جي منشور جو حصو آهي، غريب ۽ پيڙهيل طبق?? جي لاءِ شروع ڪيل ا??سا?? پروگرام تحت مستحق خاندانن کي في خاندان 12 هزار رپيا ورهايا ويا آهن، ان ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ 3 لک 38 هزار غريب خاندان به شامل آهن، عورتون کي معاشي لحاظ کان مستحڪم بڻائڻو پوندو ته جيئن اهي ملڪي ترق?? جي عمل ۾ سڌوسنئون پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ ا??سا?? ڪفالت ڪيش ۽ ا??سا?? انڊر گريجوئيٽ اس??ال??شپ سرٽيفڪيٽس ورهائڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران وزيراعظم عمران خان معاشر?? جي ڪمزور طبقن جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي مڪمل لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪئي ۽ ان في??لي سان غريب ۽ مزدور طبقي کي مالي طور تي مشڪلاتن کان بچايو. هن چيو ته لاڪ ڊائون دوران ا??سا?? پروگرام تحت 12 ڪروڙ خاندانن ۾ 200 ارب رپيا ورهايا ويا. صدر چيو ته حڪومت جي مثبت قدمن جي ڪري ملڪي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پيڙهيل طبقن کي مٿي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته عورتن کي ا??سا?? ڪيش پروگرام تحت رقم جي ادائيگي بئنڪ اڪائونٽ ذريعي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته عورتن کي معاشي لحاظ کان مستحڪم بڻائڻو پوندو ته جيئن اهي ملڪي ترق?? جي عمل ۾ سڌوسنئون پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. انفارميشن ٽيڪنالاج?? جي حوالي سان صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ترقي جو دارومدار آءِ ٽ?? جي شعب?? جي فروغ تي آهي. شاگردن کي اس??ال??شپ ڏيڻ جو مقصد تعليم ۾ برابري آڻڻ آهي، دنيا آءِ ٽي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، اسان کي موجوده حالتن کي نظر ۾ رکي آءِ ٽي شعبي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن يونيورسٽيز جي وائيس چانسلرز تي زور ڏيندي چيو ته اهي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت سليبس کي جديد دور جي گهرجن ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب بڻائين ته جيئن اسان جا گريجوئيٽس به اڳتي وڌي آءِ ٽ?? جي شعبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو معاشري جو اهم حصو آهن ۽ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، جنهنس ان خصوصي ماڻهو پنهنجي آمدني جو بندوبست ڪري سگهندا. صدر چيو ته ڪامياب جوان پروگرام ذريعي عورتون به قرضن جي سهولت مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. تقريب کي بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا ۽ بي آءِ ايس پي بلوچستان جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالجبار پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ صدر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ا??سا?? انڊر گريجوئيٽ اس??ال??شپ سرٽيفڪيٽس ۽ مستحق عورتن ۾ ا??سا?? ڪفالت پروگرام تحت روڪ رقم ورهائي.