اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو بيواهه کي گه?? پينشن ڏيڻ جو فيصلو رد ڪندي اي او بي آءِ کي 2017ع ۾ مڙ?? جي وفات جي تاريخ کان بيواهه کي پينشن ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اها هدايت شڪايت ڪندڙ جي فوري دادرسي تي جاري ڪئي وئي، لاهور جي شهري عارف محمود جي بيواهه عائشه عارف 25 نومبر 2020ع تي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل ڪئي جنهن ۾ هن اي او بي آءِ کان 6 مهينن جي رهتن جي ادائيگي سان گڏ پينشن جي منظوري جي فيصلي کي برقرار ??کيو، صدارتي سيڪريٽريٽ (پبلڪ) جي هدايت موجب، انهي حڪم جي تعميل ڄاڻايل حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر ڪرڻ گهرجي، ڪيس جي ٻڌڻي 14 جولاءِ تي ٿي، صدر هڪ حڪم ۾ قرار ڏنو ته 1976ع جي ايڪٽ جي شق بي 22 جيڪا سروائيوز پينشن بابت آهي ان تحت زنده رهندڙ شريڪ حيات پينشن جو حقدار ??هي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اهو ايڪٽ جي سيڪشن 22(3) جي طرح حقدار کي ڪٿي به نٿو روڪي يا محدود نٿو ڪري، جيتوڻيڪ سيڪشن 22 بي صرف زنده رهندڙ گهرواريءَ جي پينشن بابت آهي ۽ اهو آزاداڻي طور تي ڪم ڪندو آهي، حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مسلمان جي وفات تي ورا??ت ۽ ٻيا سمورا حق لاڳو ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، اهڙي طرح ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ ايڪٽ 1976ع جي سيڪشن 22 بي ۽ عام اصولن جي پيش نظر، اهو ظاهر آهي ته شڪايت ڪندڙ پنهنجي مڙ?? جي وفات جي تاريخ کان پينشن جي حقدار ??هي، وفاقي محتسب ان اهم رخ کي نظرانداز ڪندي ناقابل دفاع بنيادن تي درخواست ڪندڙ جي درخواست رد ڪئي، وفاقي محتسب 29 سيپٽمبر 2017ع تي پنهنجي مڙ?? جي وفات کانپوءِ شڪايت ڪندڙ کي پينشن رهتون ڏيڻ جي خلاف ايجنسي جي فيصلي کي برقرار ??کيو، محتسب پنهنجي حڪم ۾، پي او جي آرٽيڪل 2 (2) جي لحاظ کان ايجنسي جي طرفان ڪا به خراب انتظاميه نه ڏٺي، نمبر 1983 ۽ شڪايت کي وفاق محتسب (شڪايتن جي جاچ ۽ اڪلائڻ) جي ضابطي 2013 جي ضابطي 23 (3) موجب رد ڪري ڇڏيو، درخواستگذار ??ي مڙ?? کي پنهنجي وفات تائين اي او بي آءِ کان پينشن ملي رهي هئي، شڪايت ڪندڙ (بيواهه) پسماندگان جي پينشن جي درخواست داخل ڪئي جنهن جي ايجنسي پهرين فيبروري 2019ع کان صرف 6 مهينن جي رهتن جي ادائيگي سان منظوري ڏني هئي، صدر اي او بي آءِ کي بيواهه کي 29 سيپٽمبر 2017ع کان سموريون رهتون ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.