دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ملاقات ڪئي، اها ملاقات هتي ??نگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ پاڪ چين ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ ۽ علائقائي صورتحال تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان ملاقات ۾ چين جي صدر ۽ وزيراعظم ل??ءِ نيڪ خواهشن پيغام ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين هڪٻئي جي گهڻو ويجهو ۽ تزويراتي ??صيدر آهن. هن ڪووڊ – 19 جي وبا دوران چين پاران پاڪستان سان تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ هڪ قسمت بدلائيندڙ منصوبو آهي ۽ ٻنهي طرفن کان ان جي جلد تڪميل ل??ءِ ڪوشان آهن، وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي ل??ءِ گهڻو ضروري آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ل??ءِ تمام گهڻو تعاون ڪيو آهي، پاڪستان ۽ چين هڪ جامع علائقائي ايپروچ ل??ءِ افغانستان جي 6 پاڙيسري ملڪن جو اجلاس گهرائڻ ل??ءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته عالمي برادري کي افغان عوام جي مدد ل??ءِ ڪوششون جاري رکڻيون پو??ديون ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ ۽ معيشت جي مضبوطي ل??ءِ قدم کڻڻا پو??دا. ملاقات ۾ ان ڳال??ه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي طرفن کان اعليٰ سطحي مٽاسٽا جاري ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجها رابطا هموار رکندا.