اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سان رو?? ۾ ??ائم گڏيل قومن جي خوراڪ واري ع??لمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊيوڊ ايم بيسلي خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. و??ير??عظم آفيس مان جاري بيان موجب و??ير??عظم خوراڪ واري ع??لمي اداري جي ان ڪردار جي واکاڻ ڪئي جيڪو هو هنگامي حالتن ۾ عالمي انساني همدردي ??ي ادارن کي خوراڪ جي مدد فراهم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ مختلف ملڪن ۾ خوراڪ ۽ غذائي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهي. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان پاڻ وٽ هتي هلندڙ خوراڪ واري ع??لمي اداري جي مختلف منصوبن مان مستفيد ٿيندو رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان خوراڪ واري ع??لمي اداري سان حصيداري جي قدر ڪري ٿو. و??ير??عظم ۽ خوراڪ واري ع??لمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جي وچ ۾ ملاقات ۾ افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، و??ير??عظم افغانستان ۾ جامع حڪومت جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عالمي برادري کي افغانستان سان مثبت لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ ڪنهن به انساني الميي کان بچي سگهجي ٿو ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، خوراڪ واري ع??لمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام پاران افغانستان ۾ خوراڪ جي مدد لاءِ پاڪستان جي سهولتي ڪردار تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن افغانستان جي عوام کي انساني همدردي ??حت مدد جاري رکڻ جي طريقن تي و??ير??عظم سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.