اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا کي اف??انستان جي خلاف پنهنجا اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو، اسان شروع کان اف??ان مسئلي جي ڳالهين جي ذر??عي حل جا حامي آهيون، عالمي برادري ڀارت جي بليڪ مارڪيٽ ۾ يورينيم جي غير قانوني وڪري جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي، تابڪار مادي جو غلط هٿن ۾ وڃڻ انساني جانين ۽ گڏيل قومن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، عالمي ميڊيا پاران ايتري اهم واقعي کي نظرانداز ڪرڻ اف??وسناڪ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ڪورس جي غير ملڪي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ ڪورس هيٺ 12 ملڪن سان تعلق رکندڙ فوجي آفيسرن صدر سان ملاق??ت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي کي شڪست ڏني آهي. پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 70،000 جانين ۽ 150 ??لين ڊالر جي معاشي نقصان کي صورت ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. اف??انستان جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي صدر چيو ته پاڪستان اف??انستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي ڇو ته اف??انستان ۾ امن ۽ استحڪام سان سڀ کان وڌيڪ فائدو اف??انستان کانپوءِ پاڪستان کي ٿيندو. هن چيو ته اف??انستان ۾ ڊگهي تڪرار سان سڀ کان وڌيڪ متاثر به پاڪستان ٿيو آهي، اف??انستان ۾ جنگ پاڪستان جي معيشت ۽ سيڪيورٽي کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، صدر چيو ته پاڪستان شروع کان اف??ان مسئلي جي ڳالهين جي ذر??عي حل جو حامي رهيو آهي، جنگ تڪرارن جو حل نه آهي ڇو ته ان سان انساني اذيت ۽ تڪليف ۾ اضافو ٿيندو آهي،