اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم شيخوپوره وڃي ثابت ڪري ڇڏيو ته جاويد لطيف ادارن جي خلاف بيان سندس آشيرواڌ تي ڏنو هو، ڪو به پاڪستاني جيڪو پاڪستان ۾ پيدا ٿيو هجي ۽ پاڪستان ان کي عزت ڏني هجي اهو ڪيئن پاڪستان نه ??پي چئي سگهي ٿو، ادارن جي خلاف ڳالهيون ٿينديون ته قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو آهي. هو نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ??ڄ اهڙو ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جهڙوڪ ورلڊ ڪپ کٽي آيا هجن، ??اڪستان جي هر باشعور ماڻهو جاويد لطيف جي بيان جي مذمت ڪئي آهي.