اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته ايندڙ هفتي وزيراع??م عمران خان جو سعودي عرب جو دورو ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، وزيراع??م عمران خان سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي خلاف شڪايتن جو نوٽيس وٺندي سعودي سفير کي مدو مڪمل جڏهن ته ٻين 6 سفارتي عملي کي واپس گهرايو ويو آهي ان جي خلاف تحقيقات جو آغاز ڪيو ويو آهي، سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سفارتخانن لاءِ وارننگ آهي ته اهي اوورسيز پاڪستانين جي خدمت ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائين ٻي صورت ۾ انهن جي خلاف به اهڙي ئي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز پهرين ئي فضل الرحمان جي دوستن کي شڪست ڏني هاڻي به پاڪستان جي دفاع لاءِ سيڪيورٽي فورسز عوام جي حمايت ۽ تائيد سان شيهي جي ديوار ثابت ٿيندا. هو سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و ته سنڌ جي گورنر جو اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت جو دورو ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪريون ٿا اڄ جو ڏينهن گهڻو اهم آهي ڪراچي جي تڪ اين اي 249 جي حوالي سان سمورا سروي ٻڌائي رهيا آهن ته اڄ جو ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڏينهن آهي پي ٽي آءِ ڪراچي ۽ سنڌ تنظيم جي گڏيل ڪوششن سان سنڌ جي عوام سمورن مسئلن جو حل پي ٽي آءِ کي سمجهي رهي آهي، هن چ??و ته وزيراع??م عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت نئين پاڪستاني جي واعدي جي تڪميل جي لاءِ ڪاربند آهي، هن چ??و ته اوورسيز پاڪستانيز وزيراع??م عمران خان جي دل جي گهڻو ويجهو آهي، سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ سفارتي عملي پاران سهولتن جي عدم فراهمي ۽ رشوت جي شڪايتن تي وزيراعظم سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ سعودي عرب جي سفير جنهن جو مدو مڪمل ٿي چڪو هو سميت 7 سفارتڪارن کي پاڪستان واپس گهرائي انهن جي خلاف تحقيقات شروع ڪ??ي وئي آهي سفارتخانا جيڪڏهن پرڏيهي پاڪستانين کي سهولتون ۽ ضروري خدمتون فراهم نٿا ڪري سگهن ته انهن جي سفارتخاني ۾ ڪا به ضرورت نه آهي، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و ته مولانا فضل الرحمان جي اها ڳالهه ته اسان هڪ مهينو به جنگ نٿا وڙهي سگهون اها ان جي غلط فهمي آهي طالبان جي ب??ري ۾ به هو چوندو هو ته اهي اسلام آباد جي ويجهو پهچي چڪا آهن، پاڪستاني فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز ته مولانا فضل الرحمان جي دوستن جو به مقابلو ڪيو ۽ کين شڪست ڏني هاڻي به فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا پاڪستان جي دفاع لاءِ شيهي جي ديوار آهن.