اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن جي لاءِ قانوني سڌا??ن جو مقصد پوري عمل کي شفاف بڻائڻ آهي، سمورين سياسي پارٽين سان ان سلسلي ۾ ڳالهين جي لاءِ دروازا هر وقت کليل آهن، پيٽروليم مصنوعات جي کوٽ بابت انڪوائ??ي ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد جي حوالي سان قا??م ڪميٽي جي رپورٽ ملڻ تي ذميوا??ن جي خل??ف سخت ايڪشن کنيو ويندو، احساس پروگرام حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي، جنهن جي تائيد عالمي ادارا به ڪن ٿا، ملڪ مان غربت جو خاتمو اسان جو مشن آهي، وزيراعظم صوبائي حڪومتن ۽ اسلام آباد انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ڪورونا وبا جي ڏس ۾ غريب ٺيلهو هڻندڙن جي لاءِ ٺيلها بازار قا??م ڪرڻ جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن انهن غريب ماڻهن جو روزگار متاثر نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.