اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ترجيح سڄي پاڪستان جي اجتماعي ترقي لاءِ سڀني کي گڏ وٺي هلڻ آهي، ملڪي بق?? ۽ ??رقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي نيشنل پارٽي خيبرپختونخوا جي صدر ايمل ولي خان سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ اقتصادي معاملن واري وف??قي وزير ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر سردار اياز صادق به شريڪ هو، ملا??ات ۾ موجوده ملڪي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جي ترجيح سڄي پاڪستان جي اجتماعي ترقي لاءِ سڀني کي گڏ وٺي هلڻ آهي، ملڪي بقاءُ ۽ ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ايمل ولي خان وزيراعظم کي ڊيره اسماعيل خان جي ٻيلن ۾ باهه تي فوري نوٽيس ۽ ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪيو.