اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون کان متاثر ماڻهن جي لاءِ رليف ڏيڻ اس??ن جي اولين ترجيح ۽ ذميواري آهي، ذخي??ه اندوزن جي خلاف آڊيننس عوام کي مهانگائي ۽ ذخي??ه اندوزي کان بچائڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي عزم جو واضح اظهار آهي، عوام جي مش??لاتن مان فائدو کڻندڙ ڪنهن ب?? رعايت جا مستحق نه آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اهڙن عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو، ذخي??ه اندوزي سان ناجائز منافعو ڪمائيندڙن کي آرڊيننس تحت سزا ڏني ويندي.