اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو آهي ته هي هڪ ٻئي تي تنقيد جو نه پر ??ڏج?? ويهي ملڪ مان ڪورونا وائرس کي ختم ڪرڻ ۽ مستحقين تائين امداد جي فراهمي لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو وقت آهي، وز??راعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺي رهيو آهي ۽ 13 اپريل تي قومي را??طا ڪميٽي جي اجلاس ۾ صوبن جي ??شا??رت سان اڳتي جي حڪمت عملي بابت فيصلا ڪيا ويندا. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وز??راعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته متوازن فيصلا ڪيا وڃن ته جيئن وبا مان به ڇوٽڪارو ملي سگهي ۽ ملڪ جا پيڙهيل ماڻهو به متاثر نه ٿين، ڪورونا سان گڏوگڏ مستحقين جي مدد بابت به فيصلا ڪرڻا آهن.