اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چي?? آهي ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪ????سر سبب متاثر عورتن جي شرح ايشيا جي ٻين ملڪن کان وڌيڪ آهي جنهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ نجي شعبي کي گڏجي ڪ??ششون ڪرڻيون پونديون، ڇاتي جي ڪ????سر سبب قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن جنهن جي روڪٿام اسان سڀني جي ذميداري آهي، اها ڳالهه بيگم ثمينه عارف علوي اسلام آباد ويمن چيمبر جي اهتمام هيٺ ڇاتي جي ڪ????سر جي باري ۾ آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته حڪومت ان مر?? جي جلد سڃاڻپ لاءِ ڪوشان آهي ته جيئن عورتن جي جان بچائي سگهجي ڇو ته بروقت مر?? جو علم هجڻ سان مريض جي بچڻ جا امڪان 80 سيڪڙو تائين هوندا آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ ساليانو 90 هزار جي لڳ ڀڳ ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن جڏهن ته 40 کان 45 هزار موت ٿيندا آهن جنهن ۾ اڪثريت کي بچائي سگهجي ٿو جنهن لاءِ اسان سڀني کي گڏجي پنهنجي ذميداري ادا ڪرڻي پوندي.