اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڪالهه خميس ڏينهن سي ا?? او انويسٽمينٽ سمٽ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ بزنس ڪميونٽي جي پسنديده ڪتاب هنڊريڊ بيسٽ پرفارمنگ سي ا?? اوز اينڊ ڪمپنيز آف پاڪستان جاري ٿيو. سي ا?? او ڪلب پاڪستان جي باني ۽ صدر اعجاز نثار اطلاعات واري نگران وفاقي وزير کي ڪتاب تحفي ۾ ڏنو. ڪتاب ۾ مقامي ۽ عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ 100 پاڪستاني سي ا?? اوز جي ڪاميابي تي ٻڌل اسٽوريز شامل آهن، ??ن سمورين مشڪل حالتن ۾ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت تصور کي اجاگر ڪيو.