اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقيءَ جو راز هنرمندي جي تعليم ۽ تربيت ۾ ئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪلز يونيورسٽي ا??لام آباد ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت اهل شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عالمي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته سمورن صوبن ۾ وڌيڪ اسڪلز ڊولپمينٽ جا ادارا بنايا وڃن جتي شارٽ ڪورسز تحت نوجوانن کي پاڻڀرو بڻائي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي مستقبل جو دارومدار هنرمندي جي ا??ليٰ تعليم ۽ تربيت سان ڳنڍيل آهي، ڇاڪاڻ ته هي اها تعليم آهي جنهن سان نوجوان نسل پ??هن??ي لاءِ روزگار جا موقعا ڳولي ملڪ جي ترقيءَ ۾ پ??هن??و ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي نيشنل اسڪلز يونيورسٽي ا??لام آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار نگران وفاقي وزير جي آجيان ڪئي ۽ يونيورسٽي جي شروع کان هاڻي تائين جي ا??تقائي سفر ۽ يونيورسٽيءَ جي ڪاميابين تي روشني وڌي.