نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ريو ??نٽ?? گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ريو ??نٽ?? گروپ جي سي اي او جيڪب اسٽوشولم ملاقات ڪئي، جيڪو کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۾ عالمي اڳواڻ آهي. نگران وزيراعظم ريو ??نٽ?? گروپ جي حوصلا افزائي ڪئي ته هو پاڪستان جي معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي غور ڪري جنهن ۾ ملڪ جي 6 ٽريلين ڊالر کان وڌيڪ ماليات جي وسيع غيراستعمال ٿيل معدني ذخيرن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو جنهن ۾ سون، تانبي ۽ ناياب زميني ڌاتن جا وڏا ذخيرا شامل آهن. نگران وزيراعظم ڪارڪردگي ۾ اضافي، ڪاروباري ل??ڳت ۾ گهٽتائي، ريگيوليٽري بهتري، پيداواري صلاحيت ۾ اضافي ۽ اعليٰ سيڙپڪاري جي ذريعي پائيدار ترقي جي ل??ءِ حڪومت جي عزم تي زو?? ڏيندي پاڪستان جي مضبوط معاشي ويزن جو خاڪو پيش ڪيو. نگران وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪا هڪ ون ونڊو پليٽ فارم طور ڪم ڪري ٿي، طريقيڪار کي آسان بڻائي ٿي ۽ سيڙپڪارن جي ل??ءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏي ٿي. هن ايف ڊي آئي جي ترجيح طور کاڻين جي کوٽائي جي شعبي جي اهميت تي زو?? ڏنو جنهن ۾ پاڪستان جي وڏن قدرتي وسيلن بشمول ٽامو، سون، زنڪ ۽ ناياب زميني معدنيات مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن ان ڳالهه تي پڻ زو?? ڏنو ته پاڪستان حڪومت جو مقصد ريو ??نٽ?? جهڙين ڪمپنين سان تعاون سان گڏوگڏ پاڪستاني عوام جي مفادن کي مٿانهون رکڻ آهي. نگران وزيراعظم ريو ??نٽ?? گروپ جي سي اي او ۽ ان جي ٽيم کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. ريو ??نٽ?? گروپ جي سي اي او دعوت تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ يقين ڏياريو ته سندس ٽيم پاڪستان جي معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي ل??ءِ لاڳاپيل عملدارن سان رابطو ڪندي.