اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي بيروزگاري، معاشري ۾ بيچيني جي وڌندڙ سطح، خصوصي ماڻهن جي لاءِ موقعن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪاروبار ۽ روزگار ۾ عورتن جي شرڪت کي وڌائڻ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪ??مرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آئي) جي هڪ وفد س??ن ملاقات ۾ ملڪ ۾ سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ رضاڪاراڻي خدمتن ۽ چيمبرز، بئنڪنگ سيڪٽر ۽ سول سوسائٽي جي فعال شموليت جي اهميت تي زور ڏنو. ايوان صدر پاران جاري هڪ پڌرائي موجب صدر زور ڏنو ته ڪاروباري برادري کي سماجي شعبن کي اڳتي وڌائڻ ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪري پنهنجي ڪارپوريٽ سماجي ذميواري کي پورو ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته سرڪاري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ گڏيل تعاون س??ن ماڻهن جي زندگين ۾ خاص طور تي سماجي قدمن جي دائري ۾ مثبت تبديلي اچي سگهي ٿي. صدر هڪ جامع معاشري جي جوڙجڪ تي زور ڏنو ج??ي سماجي ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ عورتن جي شرڪت کي فعال طور تي فروغ ڏئي سگهجي. هن ڪراچي چيمبر جي ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي عورتن کي مستقبل جو صن??تڪار بڻجڻ، انهن ۾ اعتماد جي فروغ ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حمايت ۽ حوصلا افزائي ڪن. وڌيڪ اهو ته هن انساني ترقي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ڪاروباري برادري کي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ جو مشورو ڏنو. صدر عورتن جي لاءِ بئنڪ اڪائونٽ کولڻ ۽ مالياتي ڏيتي ليتي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مثبت اثرن کي تسليم ڪيو. هن عورتن کي ڪم جي جڳهه تي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ ڪاروباري برادري جي ڪردار تي زور ڏنو. صدر ڪارپوريٽ سيڪٽر تي اهو به زور ڏنو ته هو پنهنجي ڪارڪنن جي ڀلائي ۽ ماحولياتي تحفظ کي ترجيح ڏي ته جيئن ايندڙ نسل جي لاءِ هڪ بهتر دنيا کي يقيني بڻائي سگهجي. بئنڪنگ سيڪٽر جي ڪارڪردگي جي حوالي سان صدر علوي گذريل ٽن سالن ۾ ان جي ڪاميابين کي ساراهيو. هن چيمبرز تي زور ڏنو ته اهي صن??ت جي اندر 20 کان 25 سيڪڙو عورتن کي نوڪرين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فاسٽ ٽريڪ مڪينزم تيار ڪن. هن ملڪ جي ڪجهه بئنڪن کي ساراهيو جن 30 سيڪڙو عورتن کي قابل ذڪر روزگار فراهم ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي وڏن قدرتي ۽ انساني وسيلن جو حوالو ڏيندي چيو ته هو پاڪستان جي صلاحيت بابت پراميد آهي. هن ڪراچي چيمبر آف ڪ??مرس اينڊ انڊسٽري تي زور ڏنو ته اسپتالن، شاپنگ پلازائن ۽ صن??تن تائين خصوصي ماڻهن جي پهچ کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ريمپس جي تعمير جهڙا قدم کنيا وڃن.