اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گلگت بلتستان جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران انهن جو ٽيلينٽ ۽ محنت ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ت?? اڄ گلگت بلتستان ۾ مصروف ڏينهن گذاريو، گلگت پهچڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري، ??لگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ وڏي وزير گلبر خان سان ملاقات ٿي، وڏي وزير گلگت بلتستان جي عوام پاران روايتي چادر ۽ ٽوپي جو تحفو ڏنو. هن چيو ت?? گلگت بلتستان جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه دوران انهن جو ٽيلينٽ ۽ محنت ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي، ??يف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن سان ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت اڳڀرائي کان آگاهي ٿي.