اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شر??ف چيو آهي ته پوري قوم شهداءِ پوليس جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ جي فرض شناس فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، جن شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ شهادت ماڻي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته دهش??گر??ي جي جنگ جتي پاڪ فوج جون لازوال قربانيون آهن، اتي پوليس جي جوانن پڻ هر موقعي تي دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائڻ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي غيرتمند عوام پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي. وزيراعظم محمد ش??باز شر??ف وڌيڪ چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ملڪ جي انهن سمورن پٽن، ڌيئرن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي پنهنجي ملڪ جي خدمت تي سلام پيش ڪريون ٿا.