اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا قانون ۾ ترميم کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چي?? آهي ته ميڊيا جو پورو منظرنامو تبديل ٿي چڪ?? آهي، پيمرا آرڊيننس 2002ع کانپوءِ پهريون ڀيرو پيمرا قانون ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، پيمرا بل جي 9 شقن ۾ ترميم جڏهن ته 5 نئين شقن جو اضافو ڪيو وي?? آهي، پهريون ڀيرو صحافين کي ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ شڪايتون داخل ڪرائڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي، اڳ ۾ صحافي کي پگهار گهرڻ تي نوڪري مان ڪڍيو ويندو هو، بل تحت ڪنهن به چينل کي بند ڪرڻ جو اختيار پيمرا چيئرمين بدران ٽي رڪني ڪميٽي وٽ ويندو، بل جي تياري ۾ 13 مهينن جو عرصو لڳو، ان دو??ان سڀني ڌرين سان ڊگهي مشاورت ڪئي وئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊيو پاڪستان ۾ قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دو??ان پيمرا ترميمي آرڊيننس 2023ع جي حوالي سان اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرپرسن جويريه ظفر آهير ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن نفيسا شاهه، زيب جعفر، ناز بلوچ سميت اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، پيمرا چيئرمين سليم بيگ ۽ ڊي جي ريڊيو طاهر حسن شرڪت ڪئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2023ع ۽ پريس ڪائونسل آف پاڪستان ترميمي بل 2023ع تي غور ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا ترميمي بل 2023ع جي مقصدن تي بريفنگ ڏيندي چي?? ته پيمرا آرڊيننس 2002ع کانپوءِ پيمرا قانون ۾ پهريون ڀيرو ترميم ڪئي پئي وڃي. هن چي?? ته ميڊيا جو پورو منظرنامو تبديل ٿي چڪ?? آهي. پيمرا قانون ۾ ترميم وقت جي ضرورت آهي. هن چي?? ته پيمرا ترميمي بل 2023ع جي تياري ۾ 13 مهينن جو عرصو لڳو، ان دو??ان سمورين ميڊيا تنظيمن ۽ ميڊيا هائوسز جي مالڪن سان ڊگهي مشاورت جو سلسلو جاري رهيو. هن چي?? ته پيمرا ترميمي بل تحت پهريون ڀيرو صحافين کي شڪايت ڪائونسل ۾ پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي، ان کان اڳ صحافي کي پگهار گهرڻ تي نوڪري مان فارغ ڪيو ويندو هو. هن چي?? ته اڳ ۾ ڪنهن به چينل کي بند ڪرڻ جو اختيار پيمرا چيئرمين وٽ هو، هاڻي هن قانون تحت اهو اختيار ٽي رڪني ڪميٽي وٽ هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ماضي ۾ پي ايم ڊي اي جهڙا ڪارا قانون آڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي. هن چي?? ته فيڪ نيوز، ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن جي تشريح بل ۾ شامل ڪئي وئي آهي. ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن تي جدا جدا ڪم ڪيو ويو. هن چي?? ته ڄاڻي واڻي غلط خبر هلائڻ تي 10 لک روپيا ڏنڊ کان وڌائي هڪ ڪروڙ رپيا هوندو. هن چي?? ته اڳ ۾ ڪنهن چينل تي غلط خبر هلي ته اهو ??يو ويندو ه?? ته صحافي اها خبر ذاتي حيثيت ۾ ڏني، هاڻي ان کي چينل سان ڳنڍيو وي?? آهي. هن ڪميٽي جي ميمبرن کي ٻڌاي?? ته پيمرا قانون جي 9 سيشنز ۾ ترميم جڏهن ته 5 نئين شقن جو اضافو ڪيو وي?? آهي. پيمرا بل ۾ پيمرا قانون جون شقون 2، 6، 8، 11، 13، 24، 26، 27، 29 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان بل ۾ 20، 20 اي، 29 اي، 30 بي، 39 اي جي نئين شقن جو اضافو ڪيو وي?? آهي. هن چي?? ته بل جي مُنڍ ۾ خبر جي جڳهه تصديق ٿيل خبر، تحمل ۽ برداشت، معاشي ۽ توانائي جي ترقي، ٻارن بابت مواد جا لفظ شامل ڪيا ويا آهن. بل تحت عوام جي تفريح، تعليم ۽ معلومات جي دائري کي وسيع ڪيو وي?? آهي. هن چي?? ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تصديق ٿيل خبرن، معاشري ۾ تحمل ۽ برداشت جي فروغ جو مواد پنهنجي نشريات ۾ استعمال ڪندو. عوامي ترقي، توانائي، معاشي ترقي بابت مواد به نشريات ۾ شامل ڪيو ويندو. وفاقي وزير چي?? ته بل ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ملازمن جي وقت سر پگهارن جي ادائيگي جو پابند بڻايو وي?? آهي. وقت سر ادائيگي مان مراد اليڪٽرانڪ ميڊيا ملازمن کي ٻن مهينن جي اندر ڏني ويندڙ ادائيگيون آهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پيمرا ۽ شڪايت ڪائونسل جي پگهارن جي وقت سر ادائيگي جي سمورن فيصلن، حڪمن جي پاسداري جو پابند بڻايو وي?? آهي. هن چي?? ته پگهارن جي عدم ادائيگي تي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي حڪومتي اشتهار لاڳاپيل اليڪٽرانڪ ميڊيا کي فراهم نه ڪيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته براڊ ڪاسٽ ميڊيا لائيسنس 20 سالن جي لاءِ ۽ ڊسٽري بيوشن لائيسنس 10 سالن جي عرصي لاءِ هوندا. هن چي?? ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تي معمول جي پروگرامن دو??ان اشتهارن جو وقت 5 منٽن کان وڌيڪ نه هوندو. هن چي?? ته آرٽيڪل 19 جي خلاف ورزي جي زمري ۾ ايندڙ خلاف ورزي هن بل تحت (سنگين خلاف ورزي) تصور ٿيندي. مريم اورنگزيب چي?? ته هي هڪ تاريخي بل آهي. پيمرا قانون ۾ پهريون ڀيرو پي ايف يو جي ۽ پي بي اي کي نمائندگي ڏني وئي آهي. جڏهن ته ٽي وي چينلز جي ضابطاڪار ۾ (ڊس انفارميشن) نشر نه ڪرڻ جو شرط به شامل ڪيو وي?? آهي. هن چي?? ته عوام، ادارن ۽ ٻين شڪايتن جي ازالي لاءِ اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارين حڪومتن ۾ شڪايت ڪائونسلز ٺاهيون وينديون. شڪايت ڪائونسلز اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار جي حڪومتي پاليسي، وقت سر پگهارن جي ادائيگي کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي. شڪايت ڪائونسل هڪ چيئرمين ?? 5 ميمبرن تي ٻڌل هوندي. ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو مدو 2 سال هوندو. هن چي?? ته پيمرا جي فيصلن جي خلاف ورزي لاڳاپيل صوبي جي هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهجي ٿي. ان موقعي تي ڪميٽي جي ميمبر نفيسا شاهه چي?? ته بل ۾ ترميم جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اسان کي وقت ڏنو وڃي، جنهن تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته بل جي حوالي سان سڀئي شيون توهان کي ڏنيون ويون آهن، هن بل ۾ 9 ترميمون ڪيون ويون آهن جڏهن ته 5 نئين شقن جو اضافو ڪيو وي?? آهي. نفيسا شاهه چي?? ته ڪنهن به بل جي تياري ۾ حڪومت هڪ سال لڳائي ڇڏيندي آهي پر ڪميٽي کي ??يو وي?? آهي ته اسان وٽ هڪ ڏينهن جو وقت آهي. ڪميٽي ميمبرن کي به وقت ڏنو وڃي ته جيئن ڄاڻايل بل کي پرکي سگهجي. ڪميٽي جي ميمبر زيب جعفر چي?? ته بل کي ڪميٽي ۾ منظور ڪيو وڃي.