اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان اڄ 200 ڀارتي مهاڻن ۽ 3 سويلين قيدين کي آزاد ڪندو. هڪ ٽوئيٽ ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ان کان اڳ 198 ڀارتي مهاڻن کي هن سال 12 مئي تي وطن واپس موڪليو ويو هو. هن چيو ته اهو قدم پاڪستان جي ??نساني همدردي جي معاملن تي سياست ن?? ڪرڻ جي پاليسي موجب آهي. پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي همدرديءَ کي سياست تي ترجيح ڏيڻ گهرجي.