اسلام آباد – 19 – مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مند پشين ب??رڊر مارڪيٽ ۽ گبد پولان ٽرانسميشن لائين منصوبن سان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي سان سندس انتهائي تعميري ۽ لاڀائتي ملاقات ٿي آهي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لاءِ گڏ??ل ڪوششن ک?? تيز ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان مستقبل جي تعاون جي روڊ ميپ جي لاءِ واپار، سيڙپڪاري، ان??ارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ بجلي جي شعبن ک?? ترجيحي بڻائڻو آهي. ان مقصد جي لاءِ آزاد واپار جي معاهدي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ کي ترجيحي ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته ڪالهه بلوچستان جي ماڻهن لاءِ هڪ يادگار ڏينهن هو. من پشين ب??رڊر مارڪيٽ ۽ پولان گبد ٽرانسميشن لائين جي گڏ??ل افتتاح سان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو. هن چيو ته سرحدي منڊين ذريعي واپار جي وڏي گنجائش آهي، جنهن مان اسان فائدو کڻنداسين. مند پشين ب??رڊر مارڪيٽ 6 سرحدي مارڪيٽن مان هڪ آهي. هن چيو ته ان??ن سڀني ماڻهن ک?? خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن 2009ع کان التوا هيٺ ٽرانسميشن لائين منصوبي کي رڪارڊ چئن مهينن جي مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو آهي.