اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن چيو آهي ته سوڊان مان پاڪستاني شهرين کي ڪڍڻ جو منصوبو جاري آهي جنهن تحت پورٽ سوڊان مان 37 پاڪستاني شهري سامونڊي جهاز ذ??يع?? جده پهچي ويا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ترجم??ن چيو ته جده ۾ قونصل جنرل خالد مجيد جده ايئرپورٽ پهچڻ تي انهن جو استقبال ڪيو. هن چيو ته اسان سوڊان مان پاڪستاني شهرين کي ڪڍڻ جي سلسلي ۾ تعاون ۽ مهمان نوازي جي لاءِ سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون.