دوحه – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن جي خوشحالي جا قدم دوحه پلان آف ايڪشن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي، اسرندڙ ملڪن جي عوام جي ترقي لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ قرض جي شرطن کي آسان بڻايو وڃي، عوام کي سماجي تحفظ جي فراهمي ۽ جديد ٽيڪنالاجي تائين آسان پهچ يقيني بڻائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??وحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ اسرندڙ ملڪن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي خوش آئنده قرار ڏيندي قطر پاران ان ڪانفرنس جي انعقاد کي ساراهيو. هن چيو ته عالمي سطح تي خوشحالي جي لاءِ ترقي يافته ملڪ نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي جي گهٽ ترقي يافته ملڪن سان حصيداري نمايان آهي، جتي عالمي مدد جي وڌيڪ ضرورت آهي، اتي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موقعا ڳولڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن ۾ صحت، تعليم ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ وڏي سيڙپڪاري ۽ ايجنڊا 2030ع تي عملدرآمد ۽ پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ وسيلن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي اسرندڙ ملڪن کي قرضن جي ڪري خطرا درپيش آهن. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ پراڻا خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن جي پائيدار ترقي جي لاءِ ڪانفرنس جو انعقاد وقت سر آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي اثرن اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. اسان کي گڏجي اسرندڙ ملڪن جي عوام جي ترقي جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. سڄي دنيا ۾ ماڻهن ??ي وڏي انگ کي غربت ۽ غذائي کوٽ درپيش آهي. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ان فورم جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. پاڪستان ان فورم سميت سڀني اهم فورمز تي اسرندڙ ملڪن جي آواز کي اجاگر ڪندو رهندو. هن ??سرندڙ ملڪن جي لاءِ ويڪسين جي فراهمي کي تسلسل سان يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسرندڙ ملڪن کي تمام وڌيڪ بار کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جيڪو تمام ڳڻتي جوڳو آهي. هن ??جويز ڏني ته اسرندڙ ملڪن جي لاءِ قرض جي شرطن کي آسان بڻائڻ گهرجي ۽ عوام کي سماجي تحفظ جي فراهمي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن ??سرندڙ ملڪن جي جديد ٽيڪنالاجي تائين پهچ آسان بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ علم ترقي ۾اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان دوحه پر??گرام آف ايڪشن 2031ع کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان دوحه پر??گرام آف ايڪشن کي لاڳو ڪرڻ جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ ان سلسلي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چ??و ته ان پر??گرام جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن فيفا مقابلا منعقد ڪرڻ کانپوءِ ڪانفرنس جي شاندار انتظامن تي قطر جي امير کي مبارڪباد ڏني.