اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف س??ن پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ چين جي قيادت جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۽ تعاون جي معاهد?? تي عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نومبر 2022ع ۾ پنهنجي چين جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ان دوري س??ن پاڪ چين دوستي وڌيڪ ??ضبوط ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ پڻ وڌي آهي. وزيراعظم پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي پنهنجي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هو پاڪستان جو اعتماد جوڳو دوست هو جنهن جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو ويندو. وزيراعظم ۽ چيني سفير تازي اعليٰ سطحي دوري جي اهم نتيج?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ بيجنگ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۽ تعاون جي معاهدن جي بهترين نتيجن جي لاءِ معاهد?? تي عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ويو.