اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ميڊيا ڪنهن به رياست جو اهم ٿنڀ آ??ي، حڪومت صحافين جي تحفظ جي ??اءِ قدم کڻي رهي آهي، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ حڪومت کي صحافين جي تحفظ جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پاڪستان صحافين جي تحفظ جي ??اءِ ضروري قانونسازي ڪئي آهي، ارشد شريف جو قتل افسوسناڪ واقعو آهي جنهن تي ڪينيا جي صدر سان پاڻ ڳالهه ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڪميشن جوڙڻ جي ??اءِ خط لکيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جرنلسٽ سيفٽي فورم تحت گڏيل قومن جي 10 سالا پلان آف ايڪشن جي حوالي سان منعقد تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جرنلسٽ سيفٽي فورم جي چيئرمين ۽ سينيئر صحافي حامد مير، ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لائنلف، ناروي جي سفير پرالبرٽ الساس ۽ فرانس جي سفير نڪولس گيلي پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ مختلف ملڪن جا سفير ۽ سول سوسائٽي جي ??مائندن کانسواءِ سينيئر صحافي پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته صحافين جي تحفظ جي حوالي سان هي اهم تقريب آهي، پاڪستان ۾ ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ معاشري جي ??ختلف طبقن جي ??اءِ اظهار راءِ جي آزادي اهم معاملو رهيو آهي ۽ ان جي ??اءِ وڏي جدوجهد ڪئي وئي آهي. وزيراعظم اظهار راءِ جي آزادي ۽ حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندڙ صحافين کي ساراهيو ۽ چيو ته انهن جي جدوجهد جو نه ر??و پاڪستان پر عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته ارشد شريف جو قتل افسوسناڪ واقعو آهي، ڪينيا جي صدر سان مون پاڻ ان معاملي تي ڳالهه ڪئي ۽ پرڏيهي وزير به ارشد شريف جي ??عاملي ۽ ان جي ??اش کي وطن واپس آڻڻ جي ??اءِ ڪينيا جي عملدارن سان رابطي ۾ رهيو. مون سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڪميشن جوڙڻ جي ??اءِ خط پڻ لکيو. وزيراعظم چيو ته جمهوريت ۽ ميڊيا جي آزادي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان ۾ 33 سال ڊڪٽيٽرشپ رهي پر پاڪستان جمهوري ملڪ آهي ۽ رهندو. پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ ميڊيا جي آزادي جي ??اءِ وڏي جدوجهد ڪئي وئي آهي. وزيراعظم 1973ع جي آئين کي سياسي قيادت جي اتفاق راءِ جو مظهر قرار ڏيندي چيو ته اختلافن جي باوجود مقدس مقصد جي ??اءِ ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون ٿي سياستدانن هڪ آئين تي اتفاق ڪيو، جيڪو سڀني کي جوڙڻ واري هڪ طاقت آهي. 1973ع جو آئين هڪ مقدس دستاويز آهي. ميڊيا جمهوري حڪومت جو اهم ٿنڀ آ??ي ۽ صحافي برادري منهنجي دل جي ??يجهو آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان صحافين جي تحفظ جي ??اءِ وفاق ۽ سنڌ ۾ قانون منظور ڪيو. اسان جي حڪومت بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ صحافين جي تحفظ جي ??اءِ قانونسازي جي حمايت ڪندي. وزيراعظم چيو ته گذريل سال پارليامينٽ ۾ صحافين جي تحفظ جو قانون اتفاق راءِ سان منظور ڪيو. هن چيو ته ان ۾ سيڪشن 6 جي اضافي جي ??عاملي جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي آئين ڏني آهي ۽ صحافين جو تحفظ ۽ سلامتي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به صحافين ۽ ميڊيا کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ چئلينجز درپيش آهن. لاڳاپيل ڌرين جي ??شاورت سان حڪومت ان حوالي سان ضروري قدم کڻندي. وزيراعظم يورپ سميت دنيا جي ??ختلف ملڪن سان واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ڇو ته ان کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته جرنلسٽ سيفٽي فورم صحافين کي درپيش مسئلن جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندو. ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي.