اسلام آباد – 29 – نومبر (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران فل??طيني عوام جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فل??طين جو پراڻو حل طلب تڪرار نه صرف اخلاقي لحاظ سان دنيا جي لاءِ هڪ سواليه نشان آهي پر عالمي امن تي ان جا اثر پون ٿا. فل??طيني عوام سان گڏ يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقع تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهو ڏينهن اسرائ??ل جي قبضي هيٺ زندگي گذارڻ واري فل??طيني عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي اجاگر ڪندو آهي. اسرائ??ل جو ظلم ۽ جابراڻا قدم، جنهن جو تازي تاريخ ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي پر سزا کان ڇوٽ مليل آهي. وزيراعظم چيو ته فل??طين جو پراڻو حل طلب مسئلو نه صرف دنيا جي لاءِ اخلاقي لحاظ کان هڪ سواليه نشان آهي پر عالمي امن تي به ان جا اثر پون ٿا. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن مُوجب ٻه رياستي حل جي حمايت ??ري ٿو.