اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مُون سيڪا سربراهي ??جل??س کي خطاب ۾ واضح ڪيو آهي ته ڀارت غيرقانوني قبضي هي?? ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ور??ين کي لڪائڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح جمهوريت جي آڙ وٺي رهيو آهي جيڪو ڪشمير جي دهشت سٽيل واديءَ بيلٽ بدران بلٽ جي ڀارتي پاليسي جو واضح ثبوت آهي، عالمي برادري غيرقانوني قبضي هي?? ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ور??ين جو نوٽيس وٺي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته دنيا کي ظالماڻي نوعيت جي ڀارتي پاليسين کي تسليم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سربراهي ??جل??س ۾ پنهنجي خطاب جي شروع ۾ مون پ??ڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ صحت ۽ خوراڪ جي چئلينجن جي حوالي سان آگاهه ڪيو جنهن جي لاءِ عالمي شموليت جي ضرورت آهي. هن چيو ته انساني يڪجهتي ماحولياتي تبديلي جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.