اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر ط??حي?? منان جي گهر وئي ۽ ان جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي گهرڀاتين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهيد اسان جي قوم جو فخر آهن، اهي حق جي راهه جا شهيد آهن، انهن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. هن چيو ته پوري قوم شه??د ط??حي?? منان جهڙن جوانن کي جنم ڏيندڙ مائرن ۽ عزم ۽ استق??مت جي پيڪر والدين تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪ فوج جو هر آفيسر ۽ جوان ملڪ جي خدمت سان سدائين سرشار رهيو آهي. شه??د ط??حي?? منان جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قرباني کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي و??ير شه??د ط??حي?? منان جي و??لده سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شه??د ط??حي?? منان کي ان جي عظيم قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو.