اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عار?? علوي مقبول احمد گوندل جي بطور ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اها ??نظوري ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس آرڊيننس جي سيڪشن 4 تحت ڏني آهي. مقبول احمد گوندل پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس سروس جي گريڊ 22 جو آفيسر آهي. اها ??وسٽ فرخ احمد حميدي جي رٽائرمينٽ کانپوءِ خالي ٿي هئي.