اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت پاڪ فوج جي 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م چيو ته ل??فٽيننٽ جنرل سرفراز، ڊي جي پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد حنيف، ڪمانڊر انجنيئر 12 ڪور برگيڊيئر خالد، پائليٽ ميجر سعيد، ڪو پائليٽ ميجر طلحيٰ ۽ ڪريو چيف نائيڪ مدثر شهيد کي سڄي قوم سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته وطن جا اهي فرزند قوم جو فخر آهن، جن پنهنجون جانيون ٻوڏ ۾ گهيريل پنهنجي هم وطنن جون جانيون بچائڻ جي ??اء?? قربان ڪري ڇڏيون. وزي??اع??م چيو ته ل??فٽيننٽ جنرل سرفراز علي ۽ سندس ساٿي انسانيت جي خدمت ۽ فرض جي اد??ئيگي جو روشن مثال بڻيا آهن. ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي هڪ بهترين پروفيش??ل فرض شناس ۽ قابل آفيسر هجڻ سان گڏوگڏ انتهائي ايماندار ۽ سٺو انسان هو. هن چيو ته سڄي قوم ان حادثي تي انتهائي ڏکويل آهي. اسان شهيدن جي گهروارن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت ڪريون ٿا. سڄي قوم شهيدن جي گهروارن جي ڏک ۾ شريڪ آهي. الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ گهروارن کي صبر ۽ اجر عظيم عطا فرمائي.