ملتان – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ملتان طاهر وٽو چيو آهي ته 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ??يليون ڪڍيون وينديون، ضلعي انتظاميا 14 آگسٽ ڏهاڙي جون هفتيوار تقريبون ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ضلعي کاتن کي تقريبن جو اه??مام ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر رضوان نذير بريفنگ پڻ ڏني. ڊپٽي ڪمشنر طاهر وٽو چيو ت?? 14 آگسٽ تي ??رٽس ڪائونسل ۾ قو??ي سطح جو مشاهرو ڪرايو ويندو جنهن ۾ ملڪ جي ناليوارن شاعرن کي گهرايو ويندو. ڊپٽي ڪمشنر چيو ت?? ميراٿن ڊوڙ، سائي??ل ريست سميت مختلف مقابلا پڻ جشن آزادي تقريبن جو حصو هوندا.