اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لا??يف انشورنس ڪا??پو??يشن آف پاڪستان کي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ملتان جي فائر مين جي بيواه?? کي منافعي سان گڏ گروپ انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جي هد??يت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو آه?? ته ملازم جون 2016ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، بيواه?? کي انشورنس جي انتظار ۾ 6 سال ٿي ويا رقم ناهي ملي، تڪليف ۽ اذيت کانسواءِ وقت سان گڏ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي ويندي، صدر وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي حڪم ڏنو آه?? ته اسٽيٽ لا??يف انشورنس ڪا??پو??يشن آف پاڪستان بيواه?? کي منافعي سان گڏ انشورنس جي رقم ادا ڪري، صدر وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف اسٽيٽ لا??يف انشورنس ڪا??پو??يشن جي اپيل رد ڪري ڇڏي. صدر چيو ته 12 مارچ 2008ع تي لوڪل گورنمينٽ ۽ اسٽيٽ لا??يف جي وچ ۾ گروپ انشورنس جو معاهدو ٿيو هو، پنجاب حڪومت جو 60 سال کان گهٽ عمر هر ملازم پريميم جي ادائيگي سان مشروط بيمه شده آهي، فوتي فائر مين سروس دوران پنهنجي بينادي پي اسڪل موجب مهينو پريميم به ادا ڪيو، بيواهه جي دعويٰ جي حق ۾ سڀئي گهربل دستاويز به موجود آهن، جڏهن ته وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف فيصلي لا??ِ ڪو ٺوس سبب موجود نه آهي، شڪايت ڪندڙ کي گروپ انشورنس معاهدي موجب انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ انشورنس ڪمپني جي ذميداري آهي.