لاهور – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ لاهور جو دورو ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف کي پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي مالي ۽ انتظامي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي گذريل دوري دوران جاري ڪيل هدايتن جي روشني ۾ پي ڪي ??يل آئي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ، نرسنگ انسٽيٽيوٽ جو قيام، 50 سيڪڙو مستحق مريضن جو مفت علاج، مفت علاج سڀني جي لاءِ ۽ پي ڪي ??يل آئي ٽرسٽ جي قيام تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي ڪي ??يل آئي جي شعبن کي مرحليوار فعال ڪيو وڃي، گذريل ٽن سالن ۾ جيڪي منصوبا تعطل جو شڪار رهيا انهن کي هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ پنجاب جي نا??ي واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پي ڪي ??يل آئي کي فنڊز جي فراهمي 10 جولاءِ تائين يقيني بڻائي وڃي. هن هدايت ڪئي ته نرسنگ انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم ايندڙ مهيني تائين مڪمل ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ قابل ۽ اهل پرائيويٽ ميمبرن کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن پي ڪي ??يل آئي جي معاملن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏئي سگهجي. وزيراعظم نئين چونڊيل پي ڪي ??يل آئي بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد اختر کي مبارڪباد ڏني ۽ هدايت ڪئي ته پي ڪي ??يل آئي جي مالي معاملن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سٺي شهرت رکندڙ مشاورتي اداري جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. مريضن جي اسڪريننگ سينٽرز کي پوري پنجاب ۾ فعال ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي طبي سهولتون انهن جي درن تي فراهم ڪري سگهجن. ان موقعي تي پي ڪي ??يل آئي جي چيئرمين ان عزم جو اظهار ڪيو ته مصر وانگر پاڪستان به جلد هيپاٽائيٽس سي جهڙي موذي بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندو. نا??ي واري سيڪريٽري وزيراعظم ک?? خاطري ڪرائي ته پي ڪي ??يل آئي جي لاءِ مخصوص فنڊز 10 جولاءِ تائين جاري ڪيا ويندا.