اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ارات سيڙپڪاري، معاشي ترقي، توانائي، ڍانچي ۽ زراعت جي شعبن ۾ حصيداريون جوڙڻ ۽ تعاو?? تيز ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏيندي وا??ار ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ٻنهي ملڪن ان عزم جو اظهار وزيراعظم شهباز شريف ۽ ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب ا??ارت جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر عزت ماب شي?? محمد بن زايد آل نهيان جي وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب ا??ارات جي باني ۽ پهرين صدر عزت ماب شيخ زايد بن سلطان آل نهيان (الله تعاليٰ سندس مغفرت فرمائي) جي بصيرت افروز قيادت ۽ پاڪستان – يو اي اي جي دوستي جي م??بو?? بنياد قائم ڪرڻ جي لاءِ سندس ڪوششن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت مرحوم شيخ زايد بن سلطان آل نهيان جي بصيرت جي روشني ۾ ٻئي ملڪ گڏيل مفاد ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ پڪو ۽ م??بو?? بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري جي پڄاڻي تي ابوظهبي پهتو، ڪابينا جا اهم ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ ملاقات دوران وزيراعظم سان گڏ هئا. ولي عهد شهباز شريف کي وزيراعظم پاڪستان جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ انهن ذميوارين ۾ عظيم ڪاميابي جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خيرسگالي ۽ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڪيترن ئي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معامل?? تي تفصيلي مشاورت ڪئي. گڏيل عرب ا??ارات جي تاريخ ساز ترقي ۽ تيز ترين اولين 50 سالن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم يو اي اي جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ ايندڙ ڏهاڪن ۾ وڌيڪ ڪاميابين ۽ ڪامرانين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم دبئي عالمي نمائش 2020ع جي ڪامياب ا??عقاد تي يو اي اي جي قيادت ۽ نمائش منعقد ڪندڙ ٽيم کي مبارڪباد ڏني جيڪا ڀرپور ۽ شاندار ڪاميابي سان هڪمنار ٿي. وزيراعظم شهباز شريف ٻطرفن ۽ عالمي فورم?? تي پاڪستان جي پراڻي ۽ ڀرپور حمايت تي يو اي اي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ خاص طور تي يو اي اي پاڪستان اعانت پروگرام تحت پاڪستان ۾ انساني خدمت ۽ فلاح جي لاءِ منصوبا شروع ڪرڻ ۽ ڪورونا عالمي وبا دوران گڏيل عرب ا??ارات پاران فراهم ڪيل اهم امداد کي ساراهيو. هن 1.7 ملين پاڪستانين جي عزت ۽ وقار سان ميزباني ڪرڻ تي يو اي اي جا ٿورا مڃيا جيڪي نه رڳو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پر پاڪستان جو فخر به آهن. عزت ماب شي?? محمد زايد آل نهيان جي پوري دنيا مان پوليو ختم ڪرڻ جي نيڪ قدم کي اجاگر ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ان موذي مرض جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ۾ گڏيل عرب ا??ارات جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيو. مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو وٺندي ٻنهي اڳواڻن سيڙپڪاري، معاشي ترقي توانائي، ڍانچي ۽ زراعت جي شعبن ۾ حصيداريون جوڙڻ ۽ تعاو?? تيز ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏيندي وا??ار ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ م??بو?? بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. ولي عهد ٻنهي ملڪن جي ايندڙ نسلن جي مفاد ۾ ويجهي ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي م??بو?? بڻائڻ جي لاءِ موثر ڪوششون ڪرڻ بابت وزيراعظم کي يقين ڏياريو. هن يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران گڏيل عرب ا??ارات جي تعمير ۽ ترقي ۾ تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستاني ان وقت هتي هئا جڏهن ٻين ملڪن جي رهواسين جي هتي محدود موجودگي ۽ ڪوششون هيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ يو اي اي هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ به هڪ ٻئي جي مدد جاري رکندا. هن عوامي ڀلائي جي لاءِ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ رابطن جي م??بو??ي جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معامل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل مفاد جي سمورن معاملن ۽ گڏيل قومن، او آءِ سي سميت گهڻ رخي فورم?? تي حصيداري عمل سان موقف اختيار ڪرڻ جي لاءِ مستقل رابطو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ارات جي وچ ۾ گڏيل اعتماد، هم آهنگي ۽ ويجهي تعاو?? تي ٻڌل تاريخي پراڻا لاڳاپا قائم آهن. هلندڙ مهيني وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو گڏيل عرب ا??ارات جو هي پهريون دورو آهي.